صوبن مان وفاق آيل استادن جي واپسي روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ صوبن مان وفاق آيل استادن جي واپسي روڪڻ واري درخواست رد ڪندي استادن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلڻ وارو اسٽي آرڊر به رد ڪري ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته تعليم واري وزارت استادن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلي ٿي ته عدالت روڪي نٿي سگهي. جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب ڪيترن ئي استادن طرفان داخل ڪرايل درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي صوبن مان وفاق آيل استادن جي واپسي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ استادن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلڻ وارو اسٽي آرڊر به رد ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته تعليم واري وزارت استادن کي اصل کاتن ۾ واپس موڪلي ٿي ته عدالت روڪي نٿي سگهي. عدالت چيو آهي ته 15 سال جي ڊيپوٽيشن بعد به ٻيهر اصل کاتن ۾ موڪلڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، ڊيپوٽيشن تي آيل استادن کي ضم نه ڪيو ويو هو، صوبن ۾ سندن جايون موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔