سنڌ ۾ من پسند ڪامورن کي ترقيون ڏنيون وينديون آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ من پسند ڪامورن کي ترقيون ڏنيون وينديون آهن، هاڻ ڪارڪردگي رپورٽ کانسواءِ ڪنهن به ملازم کي ترقي نه ڏيڻ جو حڪم، سرڪاري ادارا ملازمن جي ڪارڪردگي رپورٽ اڳواٽ ڊپارٽمينٽ جي پروموشن ڪميٽي کي جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊيپوٽيشن تي مقررين خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو: فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندڙ ذاتي طور عدالت ۾ جواب ڏيندا، عدالتي حڪمنامي جي ڪاپي چيف سيڪريٽري سميت ٻين سرڪاري کاتن کي موڪلڻ جو حڪم: سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن به سرڪاري عملدار جي ڪارڪردگي رپورٽ اهم هوندي آهي، خراب ڪارڪردگي وارن ڪامورن تي نظر رکڻي پوندي ته ڪٿي انهن ڪرپشن ڪري آمدني کان وڌيڪ اثاثا ته ناهن ٺاهيان: سنڌ حڪومت پاران جواب جمع ڪرائڻ کانپوءِ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔