پ پ ۽ نون ليگ جي ميمبرز جي استعيفائن پيش ڪرڻ جو سلسلو وڌي ويو

اسلام آباد: سنڌ ۾ پ پ ايم پي ايز طرفان به قيادت آڏو استعيفيٰ پيش ڪرڻ جو سلسلو وڌي ويو، ملير مان چونڊيل ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ محمود عالم ڄاموٽ بلاول هائوس ڏانهن استعيفائون اماڻي ڇڏيون، نواز ليگ جي به وڌيڪ 5 چونڊيل نمائندن پارٽي قيادت آڏو استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون، استيعفيٰ ڏيندڙ اڳواڻن ۾ ايم اين اي ساجد مهدي، ايم پي اي يوسف ڪسيليا، سردار خالد محمود ڊوگر ۽ ثاقب خورشيد شامل، گجرانوالا ۾ نواز ليگ جي ايم پي اي چوڌري اقبال گجر به قيادت ڏانهن استعيفيٰ اُماڻي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔