پاڪستان کي وڏو ڌڪ، بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر

ڪوئنز ٽائون: نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ پاڪستان کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ۽ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آڱوٺي ۾ فريڪچر سبب سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
نيوزيلينڊ جي شهر ڪوئنز ٽائون ۾ نيٽ سيشن ڪندي ٿرو ڊائون دوران هڪ بال بابر اعظم جي ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۾ لڳو، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي ڪرايل ايڪسري ۾ خبر پئي ته بابر اعظم جي ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۾ فريڪچر ٿي ويو آهي.
ڊاڪٽرن بابر اعظم کي ڪجهه ڏينهن آرام جي صلاح ڏني آهي، هو گهٽ ۾ گهٽ 12 ڏينهن نيٽ پريڪٽس نه ڪري سگهندو پر ان دوران پنهنجي فزيڪل ٽريننگ جاري رکندو، ان دوران قومي ٽيم جو ميڊيڪل پينل بابر اعظم جي انجريءَ جو جائزو وٺندو رهندو.
ڪپتان بابر اعظم ان فٽ ٿيڻ سبب نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي نائب ڪپتان شاداب خان کان ڪپتاني ڪرائڻ جو امڪان آهي پر اهو به آل رائونڊر جي فٽنيس سان مشروط آهي، ڇو ته شاداب خان پڻ مڪمل طور فٽ ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔