ڀارت ۾ عورت سان سترنهن ڄڻن اجتماعي زيادتي ڪئي

ممبئي: ڀارتي رياست جهارکنڊ جي شهر دمڪا ۾ قبائلي عورت سان اجتماعي زيادتي جو ڪيس 17 تي داخل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 35 سالن جي عورت مفصل ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان مقامي بازار کان واپس اچي رهي هئي ته شام جي وقت ڪجهه ڏوهارين کيس روڪيو ۽ مڙس توڙي ٻارن کي يرغمال ڪري ويران جاءِ تي وٺي ويا جتي کيس واري واري سان زيادتي جو نشانو بڻايو.
متاثره عورت ڪيس ۾ 1 ماڻهو رام موهلي کي نامزد ڪيو آهي جڏهن ته 16 نامعلوم ماڻهو شامل آهن، رام موهلي جو تعلق عورت جي پيءُ جي ڳوٺ سان آهي، عورت فصل جي ڪٽائي ۾ مدد لاءِ پنهنجي پيءُ جي گهر به وئي هئي.
پوليس ڪيس داخل ڪري عورت جو طبي معائنو ڪرايو آهي جنهن جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي پر هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔