سيرينا عيسيٰ نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: سيرينا عيسيٰ صدارتي ريفرنس خلاف عدالتي فيصلي بابت نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 6 رُڪني بئنچ جي قيام تي اعتراض واري ڇڏيا، سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي سيرينا عيسيٰ چيو ته 7 رُڪني بئنچ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي 6 رُڪني بئنچ ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، هن ڪيس ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڌُر بڻايو ويو آهي، چيف جسٽس، جڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين طور اسان جي قسمت جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهي، جسٽس عمر عطا بنديال ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان چيف جسٽس تي الزام لڳائي رهيون آهن، پنهنجي حد کان ٻاهر نه وڃو، اداري ۽ اُن جي سربراهه جي باري ۾ ڳالهائڻ وقت محتاط رهو، چيف جسٽس بئنج جوڙي سگهي ٿو، اهو سندس آئيني اختيار آهي، سيرينا عيسيٰ عدالت کان معافي گهري ورتي ۽ چيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، ڌُر نه هجڻ باوجود جسٽس عمر عطا بنديال 81 ڀيرا منهنجو نالو ورتو، ٽن معزز ججز کي ڪڍي منهنجو حق متاثر ڪيو ويو، سرينا عيسيٰ طرفان نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 10 رُڪني بئنچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔