سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ اسٽيل ملز جي ملازمن جي برطرفي خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

ڄامشورو: سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ اسٽيل ملز جي ملازمن جي برطرفي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو، ڄامشورو ۾ اجلاس بعد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين طرفان ٻيٽن تي قبضي خلاف وفاق ڏانهن خط لکڻ جو اعلان، اڳواڻن چيو آهي ته نيڌر لينڊ جي حڪومت کي به خط لکي آگاهه ڪيو ويندو ته ٻيٽن تي منصوبي بابت پاڪستاني سرڪار سان ٿيل معاهدو غيرقانوني آهي، ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ اي پي سي ڪوٺائي ويندي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان پ پ حڪومت به ٻيٽن تي قبضي واري سازش ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔