سنگيتا جي نئين فلم ۾ ايشل فياض پنهنجا جلوه ڏيکاريندي !

ڪراچي: ماڊلنگ کا اداڪاري ڏينهن ايندڙ فلم ڪاف ڪنگنا اسٽار ايشل فياض کي ناليواري هدايتڪاره سنگيتا پنهنجي فلم ۾ احسن خان ۽ نعمان اعجاز جي سامهون  مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو ، فلم جي شوٽنگ هن مهيني کان شروع ٿيندي.

 سنگيتا پاڪستان فلم انڊسٽري جي ڄاتل سڃاتل اداڪاره ۽ هدايتڪاره آهي ،سندس ڪريڊٽ تي مٺي ڀر چاول ،کلونا ۽ نڪاح جهڙيون سپر هٽ فلمون آهن ، هن ايشل فياض کي هڪ منفرد ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي ، احسن خان ۽ نعمان اعجاز به ڪافي عرصي کانپوءِ گڏ ئي فلم ۾ نظرايندا .

پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي جي اداڪاره ايشل فياض جو چوڻ آهي ته هن جي منزل پهرين صف جي فلمن جي اداڪار بڻجڻ آهي ،هن پنهنجي شوبز ڪيرئير جي شروعات ماڊلنگ ۽ ٽيلي ويزن ڊرامن کان ڪئي .

پنجن سالن ۾ ناليواري ڊائريڪٽر ۽ پراڻي فنڪارن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ،خليل الرحمان قمر جي فلم جي هيروئن ٿي ، ان تي شاندار گانا فلمايا ويا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ کيس ڊراما سيريل ”پيماني “ ۾ عمران اشرف سان پسند ڪيو ويو ، ناليواري ڊائريڪٽر  محسن مرزا جي سيريل ”هٿيلي“ ۾ اداڪار اظفر رحمان سان ليڊ رول ڪيو ، ڊراما آبرو ۾ نور حسن سان ڪم ڪري گهڻو ڪجهه سکيو .

فلم بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪاره ايشل فياض جو چوڻ هو ته سلور اسڪرين تي ڪم ڪرڻ جو الڳ مزو آهي .هن اداڪار سميع خان سان هيروئن طور ڪم ڪيو ، عائشا عمر به فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل هئي، هن تي شاندار گانا فلمايا ويا ، هاڻي هن کي سنگيتا ميڊم ڪاسٽ ڪيو آهي ، ان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ کيس فخر محسوس ٿيندو ، هن ئي مهيني شوٽنگ شروع ٿيندي .

ايشل جي پسنديده فنڪارن ۾ مهوش حيات ۽ ريما شامل آهن ، استاد راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم جا گانا شوق سان ٻڌندي آهيان .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔