ماها شاهه جي مبينا آپگهات وارو معاملو، پوليس پاران نشي جي عادي قرار

ڪراچي: ڊاڪٽر ماها شاهه جي مبينا آپگهات وارو معاملو، جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جيعدالت ۾ پوليس طرفان عبوري چالان جمع ڪرايو ويو، پوليس ڊاڪٽر ماها کي نشي جو عادي قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس ڊاڪٽر ماها جي آپگهات جو ذميوار جوابدار جنيد کي قرار ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽر عرفان، وقاص، سعد، بلال، جماعت علي، مسمات انمول، منير ۽ ناصر بلو بيگناهه قرار ڏنا ويا آهن چالان ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ ڊاڪٽر عرفان سوڌو 8جوابدارن خلاف شاهديون نه مليون آهن، عدالت جاچ آفيسر کي ڪيس جو حتمي چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔