تابع دار خان چوي ٿو لاهور وارو جلسو نه روڪيندس: مريم نواز

لاهور : مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته تابع دار خان چوي ٿو لاهور وارو جلسو نه روڪيندس، ان کي خبر هئي ته جلسو رڪـــجڻ وارو ناهي، 13 ڊسمبر تي آر يا پار ٿيندو. مريم نواز 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ رٿيل پي ڊي ايم جَي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جاڳرتا مهم تيز ڪري ڇڏي. داروغا والا ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز ڪارڪنن کان پڇيو ته جيڪڏهن جعلي حڪومت روڪي ته ڇا رڪجي ويندئو، جيڪڏهن مينارِ پاڪستان تي جلسي جي اجازت نه ملي ته جلــــسو ڪندئو. جاڳرتا مهم دوران ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران مريم نواز تي گلن جي ورکا ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔