پٽ کي 30 سالن تائين اپارٽمينٽ ۾ قيد رکڻ جي الزام ۾ 70 سالن جي عورت گرفتار

سٽاڪ هوم: سويڊن جي راڄڌاني ۾ پنهنجي پٽ کي 30 سالن تائين اپارٽمينٽ ۾ قيد رکڻ جي الزام ۾ 70 سالن جي عورت کي گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسٽاڪ هوم ۾ هڪ اپارٽمينٽ مان 40 سالن جو شخص زخمي حالت ۾ مليو آهي. سويڊش ميڊيا موجب هن شخص جي هڪ مائٽ ان حوالي سان عملدارن کي آگاهه ڪيو. سويڊش ميڊيا موجب چالهه ورهين جي شخص اپارٽمينٽ جي فرش تي هڪ ڪمبل تي پيل مليو، هن جي جسم تي زخم ناسور بڻجي چڪا آهن. هن جي منهن ۾ ڏند نه آهن ۽ نه ئي هو ڳالهائڻ قابل آهي. حڪومتي پراسيڪيوٽر موجب ڄاڻايل شخص کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي سرجري جي ضرورت ٻڌائي وئي آهي. مقامي اخبارن جو چوڻ آهي ته اپارٽمينٽ مان مليل شخص کي 12 ورهين جي عمر ۾ اسڪول مان ڪڍيو ويو هو. 1995ع ۽ 1996ع ۾ هن کي ساڳئي اپارٽمينٽ جي ڀتين مان جهاتيون پائيندي ڏٺو ويو هو پر ان جي باوجود هن جي ڀتين کي ڍڪيو ويو هو. اپارٽمينٽ مان بازيابي کانپوءِ ڄاڻايل شخص جي ماءُ کي پنهنجي پٽ کي قيد ۾ رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل ماءُ پٽ کي قيد رکڻ ۽ ان تي جسماني تشدد ڪرڻ جي الزام جي ترديد ڪئي آهي. ان کانسواءِ هيل تائين ڊگهي عرصي لاءِ ماءُ طرفان پٽ کي قيد رکڻ جا سبب خبر ناهن پئجي سگهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔