چين دنيا جو طاقتورترين ”سپر ڪوانٽم ڪمپيوٽر“ ايجاد ڪري ورتو

بيجنگ: ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي چيني ماهرن دنيا جو سڀ کان طاقتور ڪوانٽم ڪمپيوٽر جو پروٽوٽائپ ٺاهيو آهي جنهن کي ”جيوزانگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان ايجاد جا تفصيل آمريڪي تحقيقي رسالي ”سائنس“ جي تازي شماري ۾ گذريل ڏينهن آن لائن شايع ٿيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته مذڪوره چيني ” ڪوانٽم سپر ڪمپيٽر“ جي دعويٰ کي ان شعبي جي اڻ ڌرين ماهرن به مستند قرار ڏئي ڇڏيو آهي، البت چيني ماهرن پنهنجي مقالي ۾ محتاط انداز اختيار ڪندي پنهنجي ڪارنامي کي ”ڪوانٽم ڪمپيٽيشنل ايڊوانٽيج“ لکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔