وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي جي منصوبن بابت جُڙيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي: وڏي وزير ڪراچي جي منصوبن بابت جُڙيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ۽ ٻين ميمبرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته نالن تان قبضا ختم ٿيڻ سان متاثر ٿيندڙ خاندانن کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ حڪومت مدد ڪندي. ڪي فور منصوبي لاءِ واپڊا کان مدد ورتي ويندي. اين ڊي ايم اي کي اورنگي ۽ گجر نالي جو اڀياس ۽ ڊزائين 15 جنوري تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي . اجلاس کي خطاب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ سمورن نالن جي سروي اين ڊي ايم اي کان ڪرائي پئي وڃي، شهر ۾ صفائي لاءِ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير اسد عمر چيو ته حددخليون هٽائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي سرڪار صوبائي حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔