اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پرول تي آزادي جو مُدو پورو ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل منتقل

لاهور: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پرول تي آزادي جو مُدو پورو ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پرول تي آزادي جو مُدو پورو ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوٽ لکپت جيل منقل ڪيو ويو، کين انتهائي سخت سيڪيورٽي جي پهري ۾ ماڊل ٽائون کان جيل منتقل ڪيو ويو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جيل منتقل ٿيڻ کان اڳ گهرڀاتين ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون،  مريم نواز پي ڊي ايم جي جلسن بابت شهباز شريف آڏو رپورٽ پيش ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي سطح تي جيڪي به ڳالهيون ٿينديون، اُن لاءِ توهان جي راءِ اهميت واري هوندي. نواز ليگ نائب صدر مريم نواز چيو ته عوام جو اعتماد نواز شريف جي بيانيي جي مقبوليت جو ثبوت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔