ڪراچي ۾ پاڻي نيڪال وارا نالا برساتي نالن کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي نيڪال وارا نالا برساتي نالن کان ڌار ڪرڻ ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير چيو ته محمودآباد نالي جي ري ماڊلنگ ڪري 80 فوٽ ويڪرو ڪيو ويندو، پاڻي نيڪال وارن نالن کي برساتي نالن کان ڌار ڪري ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويندا ته جيئن پاڻي نيڪال ٿي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نالن جي صفائي ۽ انهن جي سروي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڪامورن پاران شهر جي نالن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته محمودآباد نالي جي ري ماڊلنگ ڪري 80 فوٽ ويڪرو ڪيو ويندو، باقي نالن کي به ساڳئي طريقيڪار تحت بڻايو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڻي نيڪال وارن نالن کي برساتي نالن کان ڌار ڪري ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويندا ته جيئن پاڻي نيڪال ٿي سگهي………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔