ٻاهتر سال گذري ويا، هينئر تائين سيوريج سسٽم ٺهي نه سگهيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 72 سال گذري ويا، هينئر تائين سيوريج سسٽم ٺهي نه سگهيو آهي. صنعتن ۽ اسپتالن جي ڦوڳ کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ واري پاڻمرادو ڪيس جي نوٽيس ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان پنهنجا گندا نالا اڏي نٿا سگهون،اسان کي هر ڪم لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ عالمي بينڪ وٽ وڃڻو پئي ٿو. چيف جسٽس چيو ته خبر ناهي ته اسان ڪجهه معاملن ۾ پاڻڀرا ڪڏهن ٿينداسين. چيف جسٽس چيو ته صنعتن ۽ اسپتالن جي ڦوڳ کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو منصوبو فعال ڪريو، ٻي صورت ۾ ڪي پي جي وڏي وزير کي طلب ڪنداسين…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔