مافيا کي اسٽيل ملز کان وڌيڪ ان جي زمين نظر اچي ٿي: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز قبضي ۾ وٺڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مافيا کي اسٽيل ملز کان وڌيڪ ان جي زمين نظر اچي ٿي، وفاقي حڪومت کي زمين هڙپ ڪرڻ نه ڏينداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسٽيل مل 19 هزار ايڪڙ زمين تي ٻڌل آهي، وفاقي حڪومت کي زمين هڙپ ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ حڪومت اسٽيل مل کي قبضي ۾ وٺي سگهي ٿي. هن چيو ته وڏي وزير مسئلي جي حل لاءِ وفاق کي به خط لکيا آهن، سنڌ ڪابينا جي 4 رڪني ڪميٽي معاملو ڏسندي، وفاقي حڪومت کي زمين هڙپ ڪرڻ نه ڏينداسين. صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪرونا شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ آرڊيننس پاس ڪيو هو، اسٽيل مل مان هزارين ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ايڪٽ جي موجودگي ۾ برطرفي غير قانوني آهي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔