پ پ ايل اين امپورٽ ۾ دير تي حڪومت کان وضاحت گهري ورتي

اسلام آباد:ملڪ ۾ گيس جي کوٽ ۽ ايل اين جي امپورٽ ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت کان وضاحت گهري ورتي آهي. پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ته معاملي جي پارلياماني ڪميٽي جي ذريعي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته حڪومت ملڪ کي گردشي قرض جي ٻوجهه هيٺ دٻائي ڇڏيو آهي. شيري رحمان چيو ته توانائي جو گردشي قرض 2253 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته هاڻ حڪومت جي نااهلي سبب گيس جي شعبي جو گردشي قرض 350 ارب رپيا ٿي ويو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ پهريان ئي گيس جو شديد بحران آهي،گيس جو گردشي قرض پورو ڪرڻ لاءِ هاڻ قيمتون به وڌايون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔