پي ڊي ايم پاران 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو، لاهور ۾ احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس دوران جلسي جي تيارين تي صلاح مشورا، اجلاس بعد نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اُميد آهي ته حڪومت هاڻي هوش کان ڪم وٺندي، جلسي ۾ ڪوبه ٽڪراءُ يا حادثو ٿيو ته ذميوار حڪمران هوندا، پي ڊي ايم جو جلسو جعلي حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غفور حيدري چيو آهي ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد به وڃي سگهون ٿا، ڪٺ پُتلي حڪمرانن جو ڄمي مقابلو ڪرڻ سميت کين شڪايت ڏينداسين، پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته اپوزيشن جي جلسن آڏو رنڊڪ پيدا نه ڪرڻ واري شبلي فراز جي اعتبار نه آهي، حڪومتي وزير ۽ مشير ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔