آصف زرداري ۽ نواز شريف تي الله تعاليٰ جو عذاب ايندي ڏٺو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: اسحاق ڊار جو برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ڏسي اندازو ٿي ويندو ته ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، دُنيا ڏٺو ته هُو مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو، وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي 40 سالن کان سڃاڻان ٿو، مٿن الله تعاليٰ جو عذاب ايندي ڏٺو آهي، پي ڊي ايم وارا چوري جو پئسو لڪائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، ڪورونا وڌڻ بابت ڄاڻ هجڻ باوجود پي ڊي ايم طرفان جلسا ڪيا پيا وڃن، ڊاڪٽرز ۽ نرسز دانهون ڪري رهيا آهن ته اسپتالن مٿان دٻاءُ وڌي رهيو آهي، گلگت بلتستان ڪابينا جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته وفاقي سرڪار گلگت بلتستان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ نئين حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔