عاصم سليم باجوا سي اٿارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي برقرار هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: سي پيڪ اٿارٽي جي قيام لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ به سي پيڪ اٿارٽي ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا سي اٿارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي برقرار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، توانائي وزارت جي پڌرائي موجب پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت آزاد پتڻ بجلي گهر منصوبي جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، ان منصوبي ۾ هڪ ارب 35 ڪروڙ ڊالرن جي سرمائيڪاري ٿيندي، 700 ميگاواٽ بجلي پيداوار لاءِ بجلي گهر قائم ٿيندو، معاهدي جي تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر، توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب، رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، ان معاهدي تي آزاد ڪشمير جي حڪومت، بجلي جي وفاقي سيڪريٽري ۽ آزاد پتڻ پاور پرائيويٽ لميٽيڊ جي سي اي او پاران صحيحون ڪيون، ياد رهي ته رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر غير ملڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اها تصديق ڪئي هئي ته سي پيڪ اٿارٽي جي قيام لاءِ آرڊيننس جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ هينئر سي پيڪ اٿارٽي توڙي ليفيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي موجود ناهي، پر ان باوجود عاصم سليم باجوا ڪالهه سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ان معاهدي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔