ايف بي آر 5 مهينن ۾ هدف کان 4.4 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي ورتو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 5 مهينن دوران پنهنجي هدف کان 4.4 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو.
ذريعن موجب ايف بي آر مالي سال جي 5 مهينن ۾ جولاءِ کان نومبر تائين 1690 ارب رپين جو ٽيڪس گڏ ڪيو، جڏهن ته هدف 1670 ارب رپين جو هو.
ايف بي آر موجب انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 577 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس مان حاصل ڪيل روينيو 743 ارب رپيا رهيو، فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي 104 ارب ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي 264 ارب رهي.
ذريعن موجب هلندڙ مالي سال ٽيڪس وصولي جو هدف 4390 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
گذريل سال ان 5 مهينن ۾ 1623 ارب رپيا نيٽ روينيو حاصل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔