ويڊيو ڪالنگ ايپ زوم جي آمدني ۾ 4 سيڪڙو واڌ

ويڊيو ڪانفرنسنگ ايپ زوم جي آمدني ۾ هلندڙ سال جي ٽين ٽه ماهي ۾ 4 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪورونا وائرس جي دوران ويڊيو ڪانفرنسنگ ايپ زوم جي استعمال ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي.
زوم ايپ جي مقبوليت ۾ واڌ جو سلسلو اڃان جاري آهي ۽ سال 2020ع جي ٽين ٽه ماهي ۾ ڪمپني جي آمدني 4 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 777.2 ملين ڊالر ٿي وئي آهي.
سال 2020ع جي ٽين ٽه ماهي ۾ تجزيه ڪارن طرفان اميد ڪئي پئي وئي ته زوم جي آمدني ۾ 694 ملين ڊالرز واڌ ٿي پر حقيقت ۾ اِها واڌ اميد کان وڌيڪ رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔