شاهد آفريدي افغاني ڪرڪيٽر جي مَڳي لاهي ڇڏي

ڪراچي : اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي افغاني بالر نوين الحق کي ست سُريون ٻڌائي ڇڏيون.
لنڪن پريميئر ليگ ۾ شاهد آفريدي جي ٽيم گال گليڊيئيٽرز جو ڪينڊي ٽسڪرز سان مقابلو هو، ميچ دوران پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر طرفان چوڪو هڻڻ تي افعاني بالر نوين الحق آپي مان نڪري ويو ۽ عامر کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، جنهن تي عامر به جواب ڏنو ۽ ايندڙ اوور ۾ عامر وري ان کي ڇڪو هنيو.
ميچ ختم ٿيڻ تي به عامر ۽ نوين ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جاري رهي ۽ اتي موجود ٻين رانديگرن کين ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو.
آخر ۾ مخالف ٽيم جي رانديگرن سان ملڻ دوران نوين الحق جي پهچڻ تي شاهد آفريدي جي مُرڪ ڪاوڙ ۾ تبديل ٿي وئي، هن افغاني بالر کي اکيون ڏيکاريون ۽ پوءِ معاملو حل ڪرڻ جو به چيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔