ڪورونا وبا: ايندڙ سال ٻيڻ تي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو

نيو يارڪ : گڏيل قومن جي هڪ سالياني رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب سڄي دنيا ۾ ايندڙ سال تقريبن 235 ملين ٻارن، عورتن ۽ مردن کي هنگامي بنيادن تي امداد جي ضرورت هوندي.
اها ڳالهه عالمي اداري جي انساني بنيادن تي امداد بابت سالياني رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي.
گڏيل قومن جي هنگامي انساني بنيادن تي امداد جي ڪوآرڊينيٽر مارڪ لوڪوڪ جنيوا ۾ اها رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي سبب تقريبن ساڍا 23 ڪروڙ انسان سخت نوعيت جي مسئلن جو شڪار ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته انهن حالتن ۾ عالمي سطح تي ايڊز، مليريا ۽ ٽي بي سبب انساني حاتيون ضايع ٿيڻ جو انگ ٻيڻو ٿيڻو جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔