لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير ٻنهي اڳواڻن جي پيرول جي مدي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏني آهي.
ان حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي ڪالهه پنجاب حڪومت کي درخواست ڏني هئي. پر اڃان تائين سرڪاري طور تي اسان کي ناهي ٻڌايو ويو ته واڌ ٿي آهي يا رد ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته شهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر 22 نومبر تي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي جنهن کان پوءِ پنجاب جي گهرو وزارت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي جمعي 27 نومبر تي 5 ڏينهن جي لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو پر گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏني هئي.