بختاور ڀٽو زرداري جِي محمود چوڌري سان مڱڻي، تقريب ۾ محدود مهمانن جي شرڪت

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جِي محمود چوڌري سان مڱڻي ٿي وئي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل تقريب ۾ محدود مهمانن شرڪت ڪئي. بختاور ۽ محمود چوڌري جا گهرڀاتي، ويجها عزيز توڙي دوست شريڪ ٿيا، آصف زرداري اسپتال مان بلاول هائوس پهچي ڌيءُ جِي مڱڻي وارِي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، بلاول ڀٽو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ ڪري شريڪ نه ٿيو، مشهور بلڊر ملڪ رياض، عبدالغني مجيد، فريال ٽالپر، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ ٻين تقريب به شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔