راڻيپور ۾ معذور نوجوان جي زال 5 لک روڪ ۽ 10 تولا سون کڻي گھران نڪري وئي، احتجاج

راڻيپور: بودلا پاڙي واسي معذور نوجوان جي زال گذريل ڏينھن گھران نڪري وئي. معذور نوجوان شعيب آرائين احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندس گهر واري سويرا ملاح گذريل ڏينهن گھر ۾ پيل 5 لک روڪ رقم ۽ 10 تولا سون چوري ڪري فرار ٿي وئي آھي. نوجوان جو چوڻ هو ته چار سال اڳ ناري سان شادي ڪئي جيڪا ماءُ، ڀيڻ ۽ ويڳي پيءُ سان گڏ گهر مان سمورو سامان کڻي گهر کي تالا هڻي فرار ٿي وئي آهي. هن چيو ته واقعي جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ بعد پوليس ڪوبه قدم ناهي کنيو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔