ٻيٽن تي وفاقي والار وارو معاملو: ٺهراءُ جِي حمايت ڪندڙ شهريار شر کي پي ٽي آءِ پاران پرچائڻ جون ڪوششون جاري

ڏهرڪي: سنڌ جَي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جَي ٺهراءُ جِي حمايت ڪندڙ پي ٽي آءِ ايم پي اَي شهريار شر کي وفاقي حڪومت پاران پرچائڻ جون ڪوششون جاري آهن. وفاقي وزير اسد عمر اوٻاوڙو پهچي شهريار شر سان ملاقات ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سنڌ جَي ٻيٽن تي قبضو نه ٿا ڪرڻ چاهيون، سنڌ حڪومت پاڻ اڏاوت جِي اجازت ڏني ۽ پوءِ ڦري وئي، هاڻي ٻٽي پاليسي تحت ماڻهن کي گمراهه ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت کي خدشا آهن ته ڳالهين لاءِ اچَي، سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. وفاقي وزير اسد عمر گهوٽڪي ۾ نادرا سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ گئس ۽ ٻيا وسيلا موجود هئڻ باوجود مقامي ماڻهو روزگار سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهن، وزيراعظم سنڌ جَي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتي جو ازالو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔