بختاور ڀٽو زرداري جِي مڱڻي واري تقريب اڄ ٿيندي، تياريون مڪمل

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جِي مڱڻي واري تقريب اڄ ٿيندي، تياريون مڪمل ڪيون ويون ، بختاور ڀٽو جو مڱيندو محمود چوڌري ۽ ساهرا ڪراچي ۾ موجود آهن ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪورونا ۾ مبتلا ڪري شرڪت نه ڪري سگهندو، آصف زرداري اسپتال مان ٿوري دير لاءِ اِچي تقريب جو حصو بڻجندو، تقريب ۾ 50 کان 80 جَي لڳ ڀڳ مهمان شرڪت ڪندا، جن ۾ رڳو ٻنهي ڪٽنبن جا ڀاتي ۽ ويجها عزيز شامل هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔