ڪراچي ۾ مسلمان ٿيڻ بعد پسند جو پرڻو ڪندڙ آرزو فاطمه جو ٻيهر والدين ڏانهن وڃڻ کان انڪار

ڪراچي : ڪراچي ۾ مسلمان ٿيڻ بعد پسند جو پرڻو ڪندڙ آرزو فاطمه هڪ ڀيرو ٻيهر والدين ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو فاطمه کي دار الامان اُماڻي ڇڏيو، عدالت آرزو جي تعليم سوڌو ٻين سهولتن لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پوليس معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري، گهرو کاتي جو هڪ نمائندو روزانو بُنيادن تي آرزو فاطمه سان ملاقات ڪندو، آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي، عدالت فيصلو ٻڌائڻ بعد درخواست اُڪلائي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔