ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا جي ٻي لهر ۽ اسان جون ذميواريون

          سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ وڌڻ سان ڪورونا جي ڪيسز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ شروع ٿي وئي آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ريڪارڊ ڪيس وڌي رهيا آهن جڏهن ته هر ڏينهن ڪيترائي ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي رهيا آهن.

        ماهرن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ٻي لهر نهايت ئي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، اها لهر وڌندڙ سيءَ جي ڪري وڌيڪ خطرناڪ ٿي رهي آهي.

          ڪورونا جي ڪيسز ۾ ڏينهون ڏينهن واڌاري سبب حڪومت پاران به سخت قدم کڻندي جلسن جلوسن ۽ وڏن ميڙاڪن تي پابندي هنئي وئي آهي جڏهن ته شادي هالز ۽ ڪاروباري سرگرمين کي به محدود رکيو ويو آهي جڏهن ته اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ لاءِ به سختي ڪئي وئي آهي .

       حڪومت ۽ انتظاميا پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ ماسڪ نه پائڻ تي شهرين لاءِ ڏنڊ جي سزا پڻ رکي وئي آهي. ماڻهن کي هڪ ٻئي کان 6 فوٽن جو مفاصلو رکڻ ۽ ٿڌين شين جي واهپي کان روڪيو ويو آهي .

      حڪومت پاران ٿڌن علائقن ۾ هاڻي کان ئي اسڪولن ۾ ٿڌ جون موڪلون شروع ڪيون ويون آهن جڏهن ته گرم علائقن ۾ به ايندڙ مهيني کان ڊگهي موڪلن جي تجويز ڏني وئي آهي .

       ڪورونا جي هاڻوڪي لهر جيئن ته سياري جي اچڻ سان پکڙجي رهي آهي ان ڪري جيئن جيئن ٿڌ وڌندي ويندي تيئن تيئن هن مرض جي وڌندڙ جو ڀرپور امڪان آهي .

             هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀني کي ڪورونا جي موجوده صورتحال ۽ ان جي وڌندڙ ڪيسز کي نظر ۾ رکندي ان جي حقيقت کي سنجيدگي سان تسليم ڪري ان مرض کان بچاءَ لاءِ ممڪن حد تائين فوري طور تي اپاءَ وٺڻا پوندا .

         اسان جي آڏو ڪورونا جي پهرين لهر جو تجربو موجود آهي، جنهن مان اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هي بيماري ڪنهن وقت به ڪٿان به لڳي سگهي ٿي جنهن کان اسين رڳو احتياط وسيلي ئي بچي سگهون ٿا .

         ڪورونا کان بچڻ لاءِ اسان کي پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ گهروارن ۽ مٽن مائٽن ۽ دوستن کي آگاهي پڻ ڏيڻي پوندي ، ان سان گڏ و گڏ ڪورونا جي امڪاني سببن کان سڀني کي آگاهه ڪرڻو پوندو .

          ڪورونا کان بچڻ لاءِ اسان کي سڀ کان پهرين گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت مُنهن تي ماسڪ لازمي پائڻ گهرجي ۽ ٻين کي به اهڙِي ترغيب ڏيڻ گهرجي . هڪ ٻئي سان ويجهي ميل جيل ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪجي ، جي هٿ ملائجي ته فوري طور تي سينيٽائز ڪري ڇڏجي . وڏي ميڙ ۽ بازارن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪجي.

       ڪورونا کان بچاءَ لاءِ اسان کي کاڌي پيتي جو به خاص خيال رکڻ گهرجي ، ٿڌي پاڻي ۽ ڪولڊ ڊرنڪس ، کٽين، سڻڀين ۽ تريل شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ، کاڌو گهڻو ڪري گرم گرم کائڻ گهرجي ٿڌي کاڌي کان پاسو ڪرڻ گهرجي .

      سردين ۾ ڪوشش ڪجي ته پاڻ کي سيءَ کان بچائجي ته جيئن بخار ، نزلو ۽ زڪام نه ٿئي ، ڪوشش ڪجي ته صبح جو ڪجهه وقت سج جي روشني آڏو ويهجي ته جيئن جسم کي گرمائش ملي .

     ڪورونا جي وڌندڙ ٻي لهر کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ، ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيڻ تي فوري طور تي ٽيسٽ ڪرائي پاڻ کي آئسو ليٽ ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي بچائي وڃي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔