ايل ڊي اي پلاٽس ڪيس: ويهن سالن کانپوءِ نوزاشريف خلاف نيب انڪوائري مڪمل

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) لاهور 20 سالن کانپوءِ ايل ڊي اي پلاٽس جي ورهاست ڪيس جي انڪوائري مڪمل ڪري ورتي.

نيب ذريعن موجب ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم انڪوائري بابت سيل بند رپورٽ ڊي جي نيب کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ هاڻ ريجنل بورڊ جي ميٽنگ ۾ ان سي آءِ ٽي رپورٽ تي پراسيڪيوشن ونگ قانوني راءِ ڏيندي.

نوازشريف خلاف 3 اپريل 2000 شڪايت ملي ته هن ڊي جي لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) سان ملي ايل ڊي اي پلاٽس جي ايگزمشن ڏني ۽ پلاٽن جي ڪوٽا ختم ڪري من پسندن ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪيا، حالانڪه ايل ڊي اي جي پاليسي 1986 تحت چيئرمين پلاٽس الاٽ ڪندو هو.

نوازشريف مٿان پنجاب جي وزيراعليٰ جي حيثيت سان پنهنجن ويجهن ماڻهن ۾ پلاٽ ورهائڻ جو الزام هو ۽ هن جي خلاف هيءَ انڪوائري 20 سال کان التوا هيٺ هئي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔