پشاور جي ضلعي انتظاميا پي ڊي ايم کي 22 نومبر تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

پشاور :ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ، پشاور جي ضلعي انتظاميا پي ڊي ايم کي 22  نومبر تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، ڪيسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين پچي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ خطرناڪ هوندو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا بابت عدالتي فيصلو به اچي چڪو آهي، اپوزيشن هوش مان ڪم وٺي، جيڪڏهن قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ته ذميوار پي ڊي ايم اڳواڻ ۽ جلسي جي انتظاميا هوندي: پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته حڪومت ڪي پي ۽ پنڊي ۾ جلسا ڪيا، ڇا اُن وقت ڪورونا جي پکيڙ جو خدشو هو؟…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔