پشاور ۾ بي آر ٽي بس هڪ ڀيرو ٻيهر هلڻ کان جواب ڏئي وئي

پشاور : پشاور ۾ بي آر ٽي بس هڪ ڀيرو ٻيهر هلڻ کان جواب ڏئي وئي، بي آر ٽي منصوبي تحت هلندڙ بس اسٽيشن پهچڻ کان اڳ ئي خراب، شهرين ڌڪو ڏنو پر بس نه هلي، شهري بس اسٽيشن تائين پنڌ ڪرڻ تي مجبور، بي آر ٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته بس ۾ فني خرابي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پشاور ۾ 2 ڏينهن اڳ به بي آر ٽي تحت هلندڙ بس خراب ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔