سارا خان جي به ٽڪ ٽاڪ تي انٽري

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا سارا خان به مقبول ترين ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي جوائن ڪري ورتو.
سارا خان اهڙو اعلان گذريل ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان ڪيو، هن شيئر ڪيل ميڪ اپ ويڊيو پوسٽ ۾ ٻڌايو ته هاڻ مان به ٽڪ ٽاڪ تي موجود آهيان.
سارا خان پنهنجي پوسٽ ۾ مداحن سان ٽڪ ٽاڪ جي آءِ ڊي به شيئر ڪئي.
ٽڪ ٽاڪ جوائن ڪرڻ جي تصديق کانپوءِ سارا خان مداحن لاءِ ميڪ اپ ايڊڪٽ جي هيش ٽيگ سان هڪ ميڪ اپ ويڊيو به جاري ڪئي، جنهن کي لکين واهپيدار ڏسي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔