دنيا جي ڪامياب سائنسدانن جي فهرست ۾ 12 پاڪستاني پروفيسر به شامل

نيو يارڪ: آمريڪي يونيورسٽي اسٽينفورڊ دنيا جي بهترين ٻه سيڪڙو سائنسندانن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 12 پاڪستاني استاد به جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.
اسٽينفورڊ طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ جاءِ ٺاهيندڙ پاڪستاني ٽيچرز مان 9 جو واسطو پنجاب يونيورسٽي، جڏهن ته 3 جو واسطو گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي آف لاهور سان آهي.
اسٽينفورڊ ان فهرست ۾ دنيا ۾ موجود ٻه سيڪڙو ذهين سائنسندانن جا نالا شامل ڪيا آهن ۽ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ايتري انگ ۾ پاڪستان استاد ان فهرست جو حصو بڻيا آهن.
فهرست ۾ هڪ لک 60 هزار سائنسدانن جا نالا شامل آهن، جن سائنس جي مختلف شعبن ۾ ضابطن سان پنهنجون ذميواريون ۽ فرض انجام ڏنا.
پنجاب يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ 6 پروفيسرن ۾ ڊاڪٽر حافظ اظهر، ڊاڪٽر ذيشان يوسف، ڊاڪٽر محمد يونس، ڊاڪٽر صائما ارشد، ڊاڪٽر عبدالرحمان ۽ ڊاڪٽر نعمان رضا جا نالا انٽرنيشنل ايگزيمينيشن آف ريسرچ پيپر ڪيٽيگري ۾ هڪ سال لاءِ شامل ڪيا ويا آهن.
گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي آف لاهور جي پروفيسر ڊاڪٽر مجاهد عباس، پروفيسر ڊاڪٽر ذڪاءُ الله ۽ ڊاڪٽر عبدالستار نظامي جا نالا به اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي فهرست ۾ شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔