ڪورونا سبب سنڌ پوليس جا 3514 اهلڪار متاثر، شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو

ڪراچي: سنڌ پوليس چيو آهي ته فرضن جي ادائيگي دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ پوليس جا 3 هزار 514 آفيسر ۽ اهلڪار متاثر ۽ 20 شهيد ٿي ويا جڏهن ته 38 هن وقت تائين علاج هيٺ آهن.
ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيڻ سبب علاج هيٺ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 38 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس مان متاثر 3 هزار 456 پوليس آفيسر صحتياب ٿي چڪا آهن.
ترجمان موجب ڪورونا مان متاثر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو مڪمل طور تي خيال رکيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ روزاني جي بنياد تي بندوبست جاري آهن، ڪوروناجي خلاف هر اول جٿي طور ڪم ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ جوان انسانيت جي خدمت لاءِ انتهائي پرعزم ۽ بلند حوصلا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔