ڀارتي پوليس اهلڪار کي ”گبر سنگهه“ ٿيڻ مهانگو پئجي ويو

ڪلڪته: ڀارتي پوليس اهلڪار کي ڊيوٽي دوران گبرسنگهه ٿيڻ مهانگو پئجي ويو.
باليووڊ جي مشهور فلم”شعلي“ ۾ امجد خان جي مشهور ڊائيلاگ ڪير واقف ناهي، پر ان ڊائيلاگ کي ڀارتي پوليس آفيسر پنهنجي ڊيوٽي دوران چئي پاڻ کي ڏچي ۾ وجهي ڏيو آهي.
ڀوپال جي ويجهو ضلع جابوا ۾ گشت ڪندي فلم شعلي جو نعرو هڻندڙ ڪليان پوره پوليس اسٽيشن جي انچارج جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جيڪو اسپيڪر تي فلم شعلي جو مشهور ڊائيلاگ ”سوجا بيٽي ورنه گبرسنگهه آجائي گا“ جهڙو ڊائيلاگ ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي.
پوليس آفيسر چيو ته ”ڪليان پور کان 50 ڪلوميٽر پري تائين جڏهن به ڪو ٻار روئندو آهي ته ماءُ کيس چوندي آهي، سمهي پئو پٽ سمهي پئو نه ته ڊانگي اچي ويندو، ان تي سرڪاري اعليٰ عملدار طرفان کيس نوٽيس اچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔