وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ٻي لهر دوران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ٻي لهر دوران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلوڪيوويو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ ٿيل بين الصوبائي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن پاران اسڪول بند ڪرن جي مخالفت ڪئي وئي، شفقت محمود چيو آهي ته صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ هفتي ٻيهر اجلاس طلب ڪيو آهي، سياسي جون موڪلون وڌائڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو، ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 7 ڏهائي 2 سيڪڙو ٿي وئي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 19 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، 2 هزار 128 شهري وائرس ۾ وٺجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔