پ پ چيئرمين پاران هندو ڀائرن کي ڏياري جون واڌايون، نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سموري ملڪ جي هندو ڀائرن کي ڏياري جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڏياري کي جهالت تي شعور، برائي تي چڱائي جي فتح طور ملهايو ويندو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته مان دعاڳو آهيان ته برائي جون سموريون قوتون مٽجي وڃن، امن ، سڪون ۽ برابري نئين دور جا محرڪ ٿين.هن چيو ته پ پ ملڪ جي باني جي نظرئي ۽ وچن جي حقيقي وارث آهي.پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترما بينظير ڀٽو سان گڏ هزارين جيالن انهيءَ نظرئي جي خاطر پنهنجن جانين جا نذرانا پيش ڪيا.بلاول چيو ته ملڪ جو آئين سمورن شهرين کي پنهنجن مذهبن مطابق عبادت جو حق ڏئي ٿو ۽ ڏِڻ ملهائڻ جي حق جي ضمانت فراهم ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔