نواز شريف خلاف پي ٽي آءِ ڌرڻي ۾ ڪارڪنن جي مارجڻ جو ڪيس خارج

اسلام آباد: دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف پي ٽي آءِ ڌرڻي ۾ ڪارڪنن جي مارجڻ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي نواز شريف، شهباز شريف، چوڌري نثار، سعد رفيق ۽ ٻين خلاف ڪيس خارج ڪرڻ جا سبب لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت جي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مطابق رپورٽ خارج ڪرڻ وقت ثبوت پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو ويو.عدالت ڄاڻايو ته ريڪارڊ مطابق وري وري گهرائڻ جي باوجود شاهه محمود قريشي پيش نه ٿيو.دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت مطابق شاهد محمود قريشي پنهنجن الزامن جا ثبوت جاچ آفيسر جي سامهون پيش نه ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔