را پاڪستاني سياستدانن کي نشانو بڻائي سگهي ٿي: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته را پاڪستاني سياستدانن کي نشانو بڻائي سگهي ٿي،ڪرونا ڦهلجڻ کانپوءِ جلسن ۽ جلوسن کان پاسو ڪرڻ گهرجي،مريم نواز فوج سان ڳالهائڻ لاءِ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم جو سهارو ورتو آهي، ڊسمبر کان فيبروري تائين آواز نڪرندا.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نوازشريف ڄاڻي ٿو ته ان جي سياست ختم ٿي وئي آهي، هو ايندڙ نسل لاءِ راهه هموار ڪرڻ گهري ٿو.ريلوي جي وزير چيو ته آرمي چيف چئي چڪو آهي ته فوج چونڊيل حڪومت سان گڏ آهي، عمران خان پنج سال پورا ڪندو.هن چيو ته چونڊن ۾ جيڪو به هارائيندو آهي، اهو ڌانڌلي جي ڳالهه ڪندو آهي.شيخ رشيد چيو ته سڀاڻي شام کان توهان ٻڌندو ته مخالف چوندا ته گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ٿي آهي.هي ڳالهه واضح آهي ته ووٽ ته گلگت بلتستان جي عوام کي ڏيڻو آهي.شيخ رشيد چيو ته مريم نواز ، نوازشريف جي سياست جي نفي ڪئي آهي، ن ليگ هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وٺڻ گهري ٿي.هن الزام مڙهيو ته نواز شريف گيٽ نمبر چار جي پئداوار آهي،هن پنهنجي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي،پي ڊي ايم ۾ سمورا ماڻهو نوازشريف جي سوچ سان اتفاق نٿا ڪن.ن ليگ ۽ پ پ جي سوچ الڳ الڳ آهن، ن ليگ جي، جميعت علماءَ اسلام سان سوچ ملي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔