مشهور پاڪستاني اداڪاره ريما سوشل ميڊيا تي نئين تصوير شيئر ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان جي مشهور اداڪاره ريما مڇون ۽ ڏاڙهي لڳائي انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ نئين تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن کي سندس مداح به سڃاڻي نه سگهيا.رپورٽ موجب گذريل فوٽو شيئر ايپ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ريما به موجود آهي جنهن نقلي مڇون ۽ ڏاڙهي لڳائي آهي ۽ منفرد لباس اوڍي سردار جهڙي نظر اچي رهي آهي.ريما جي تصوير ڏسي ان جي مداحن کي کيس سڃاڻڻ ۾ ڪافي پريشاني ٿئي. ريما ان تصوير جي ڪيپشن ۾ اهو ته ناهي ٻڌايو ته هن اهو روپ ڇو اختيار ڪيو آهي پر هن پنهنجي دوستن سان گڏ گذريل بهترين وقت قرار ڏنو. ريما خان جي تصوير تي ان جي مداحن طرفان دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔