جوبائيڊن پنهنجي پراڻي دوست کي وائٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي پراڻي دوست کي وائٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو آهي.برطانوي ميڊيا موجب جوبائيڊن 1980ع کان پاڻ سان گڏ خدمتون انجام ڏيندڙ رون ڪلين کي چيف آف وائٽ هائوس اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. رون ڪلين 1980ع ۾ جوبائيڊن سان گڏ سينيٽ ۾ خدمتون انجام ڏنيون ۽ هو نائب صدارت جي دور ۾ به جوبائيڊن سان گڏ ڪم ڪندو رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب رون ڪلين اڳوڻي صدر اوباما جي دور ۾ ان جي سينئر نائب جي طور تي ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته هو اڳوڻي آمريڪي نائب صدر الگور جو چيف آف اسٽاف به رهي چڪو آهي.آمريڪي صدارتي چونڊون 2000 جي حوالي سان ٺهندڙ هڪ فلم ري ڪائونٽ ۾ آمريڪي اداڪار ڪيون اسپيسي رون ڪلين جو ڪردار ادا ڪيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب وائٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف جي ذميوارين مان صدر جو روزاني جو شيڊول جوڙڻ شامل آهي جڏهن ته هي هڪ سياسي مقرري ٿي آهي جنهن ۾ سينيت جي اجازت جي صرورت ناهي هوندي.نئين چونڊيل صدر پنهنجي نئين ٽيم جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن رون ڪلين کي ان جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔