خواجه آصف جي گهر واري سميت بااثر سياسي شخصيتن جون 13غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمون سيل

لاهور: اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف جي گهر واري سميت بااثر شخصيتن جون 13 غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمون سيل ڪيون ويون آهن.

خواجه آصف جي گهر واري، سيالڪوٽ جي اڳوڻي ميئر توحيد اختر، مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي ايم پي اي رانا لياقت علي چوڌري، ارشد وڙائچ ۽ منشا بٽ غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽين جي ڌنڌي ۾ سادن ماڻهن کي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو هو.

ضلعي انتظاميه سيالڪوٽ بااثر سياسي شخصيتن طرفان غيرقانوني رهائشي گهٽيون سيل ڪري وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ ريفرنس اينٽي ڪرپشن پنجاب ڏانهن موڪلي ڇڏيا. نقشن ۽ ڪنورزن فيس جي مد ۾ سرڪاري ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو ويو. ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي اڳوڻي سيالڪوٽ جي ميئر چوڌري توحيد ۽ خواجه محمد آصف جي گهر واري جي ملڪيت  آهي.

ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ عوامي هنڌن، اوپن ايريا، ڪميونٽي سينٽر ۽ قبرستان جي لاءِ مختص زمين کي پلاٽ ٺاهي وڪرو ڪيا ويا. ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي جي 137 ڪئنال تي رجسٽرڊ ڪرائڻ کان پوءِ غيرقانوني طريقي سان 281 ڪئنال وڌيڪ شامل ڪيو ويو. پرائيويٽ هائوسنگ اسڪيم جي تحت به منظور ٿيل هائوسنگ اسڪيم جي نقشي ۾ سواءِ قبرستان لوڪيشن جي ڪابه تبديلي ناهي ٿي سگهي.

عثمان ٽائون، حسين ٽائون، ماڊل ٽائون سٽي، ايان گارڊن، بشير ٽائون ۽ چاند باغ رانا لياقت علي فرنٽ مين جي ذريعي هلائي رهيا آهن. مذڪوره  رهائشي سوسائٽين کي غير رجسٽرڊ ۽ غيرقانوني هجڻ سبب سيل ڪيو ويو. ناصر ٽائون، عبدالله گارڊن ۽ ايس ڪي گارڊن جي به غير تصديق ٿيل ۽ غير رجسٽرڊ هجڻ سبب سيل ڪيو ويو.

پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن ضلعي انتظاميه سان ملي غيرقانوني رهائشي اسڪيمن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪئي آهي. ان بابت اينٽي ڪرپشن پنجاب جو چوڻ آهي ته سڄي پنجاب ۾ بدعنوان ۽ ڪرپٽ عناصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رکنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔