پرائيويٽ اسڪول فيڊريشن اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي ڪري اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي .

صدر آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن ڪاشف مرزا چيو آهي ته ڪورونا ڪيسز جي ڪري حڪومتي نااهلي ۽ جلسا ٿي رهيا آهن ،ڪورونا ۾ ڪروڙين شاگردن جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي .

هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) غير قانوني سياسي ميڙن جو نوٽيس وٺي ،صرف اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪيو پيو وڃي .

صدر آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز ايسوسي ايشن چيو ته وقت جي قلت جي ڪري ٿڌ جون موڪلون نه ٿي سگهنديون ،تعليمي سال اپريل بدران آگسٽ تائين ڪرڻ جي مخالفت ڪريون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔