نوازالدين صديقي طلاق جي معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي: باليووڊ اداڪار نوازالدين صديقي زال پاران طلاق جي مطالبي کانپوءِ پاڻ تي لڳل الزامن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽ موجب هلندڙ سال جي مئي مهيني ۾ نوازالدين صديقي جي زال عاليا صديقي هن تي ڪي به الزام نه هنيا هئا، بعد ۾ ان حوالي سان ميڊيا تي ڪيتريون ئي خبرون آيون، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اداڪار زال کي تشدد جو نشانو بڻائڻ سميت بليڪ ميل به ڪندو رهيو.
ان کان پهرين به اهڙيون خبرون آيون هنيون ته نوازالدين صديقي زال تي شڪ ڪندي خانگي جاسوسن کان جاسوسي ڪرائي پر هاڻ نوازالدين صديقي زال طرفان طلاق گهرڻ تي خاموشي ٽوڙيندي مختصر طور تي چيو ته مٿس لڳايل الزام غلط آهن.
ياد رهي ته نوازالدين صديقي ۽ عاليا 2010 ۾ شادي ڪئي ۽ هنن وچ ۾ 5 سالن تائين سٺا لاڳاپا رهيا پر 2015 کان اختلافن جون خبرون اچڻ شروع ٿيون جنهن کانپوءِ لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيندا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔