جوبائيڊن دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو: اداڪاره ريما

لاهور: شادي کانپوءِ شوبز انڊسٽري ڇڏي آمريڪا ۾ ترسيل اداڪاره ريما چيو آهي ته آمريڪا جو نئون صدر دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو.
اداڪاره اسنٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي آڳوڻي امريڪي صدر ابراهام لنڪن جو قول لکيو ته تقريبن سمورين مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهون ٿا پر جيڪڏهن توهان ڪنهن جو ڪردار پرکڻ چاهيو ٿا ته ان کي طاقت ڏيو.
ان قول جي تناظر ۾ ريما نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حوالي سان لکيو اسان کي اميد آهي ته جوبائيڊن پوري دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ اتحاد آڻيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔