بحرين جو شهزادو خليفه بن سلمان آل خليفه وفات ڪري ويو

دبئي: 50 سالن تائين بحرين جو وزيراعظم رهندڙ شهزادو خليفه بن سلمان آل خليفه 84 سال جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
عرب نيوز موجب شاهي ايوان پاران اعلان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جو آمريڪا جي مايو ڪلينڪ ۾ وفات ڪري ويو آهي، هن جو مڙهه سندس ڏيهه آندو ويندو، ڪفن دفن ۾ صرف ويجها عزيز ۽ دوست احباب شامل ٿيندا.
بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سموري ملڪ ۾ هڪ هفتي جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي جنهن دوران پرچم هيٺ رهندا، جڏهن ته سرڪاري دفترن ۾ ٽن ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
بحرين جو پرنس خليفه 1970 ۾ بحرين جو وزيراعظم رهيو ۽ وڏي عرصي تائين ساڳي عهدي تي فائز رهيو.
شهزادو خليفه بن سلمان آل خليفه 24 نومبر 1935ع ۾ پيدا ٿيو، وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ هو اسٽيٽ ڪائونسل ۽ سپريم ڊفينس ڪائونسل جو سربراهه رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔